راولپنڊي-13 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته مادر وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ ??ظي?? ناهي، شهيدن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب هو جي ايڇ ڪيو ۾ آپريشنز دوران بهادريءَ جو مظاهرو ڪن??ڙ فوج?? جوانن ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن کي ميڊلز، ستاره امتياز (ملٽري) ۽ تمغه بسالت سان نوازيو. شهيد?? جا تمغا سندن خاندان وصول ڪيا. آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم جي آزادي ۽ سلامتي پنهنجي بهادر جنگجوئن جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد ۽ غازي اسا?? جا هيروز آهن، اسا?? جا شهيد درحقيقت قوم لاءِ اميد ۽ استقامت جو ڪِرڻو آهن.