اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف پاڪستان ۽ ??ٽل?? جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان پاڪستان ۾ مقرر ??ٽل?? جي سفير ماريليا آرميلن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اطالوي سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ٽل?? سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪيترن ئي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي ملندڙ مبارڪباد واري پيغام تي اطالوي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??ٽل?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم ??ٽل?? جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن وزيراعظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين کي ساراهيو جن ??ٽل?? کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ ??ٽل?? جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. هن سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جي ميزباني ڪرڻ تي ??ٽل?? جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اطالوي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??ٽل?? پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.