اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چنڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام جي لاءِ ??نگ ميل ثابت ٿيندي، پوري پاڪستاني قوم کي ان اهم ڪاميابي تي فخر آهي. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ خلابازي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ تر??ي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، اميد آهي ته پاڪستان جا خلائي تحقيقي ادارا ۽ سائنسد??ن وڌيڪ محنت، لڳاءُ ?? منصوبابندي سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.