اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي ??سلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هذال بن حمود العتيبي ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر کي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ يونيورسٽي ??ي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي يونيورسٽي ??ي مج??وعي صورتحال ۽ ??نت??امي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي ??سلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يونيورسٽي ??حقيق ۽ ترقي، جدت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي فروغ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان (2022ع – 2026ع) تيار ڪيو آهي، اسٽريٽجڪ پلان سان يونيورسٽي ??ي مالي ۽ ??نت??امي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب يونيورسٽي ??ي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اهم معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب يونيورسٽي ۾ نئين بلاڪ جي تعمير ۽ جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي ??ي ڪردار کي ساراهيو. صدر يونيورسٽي ??ي بهتري لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي.