اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني مهمانن جي سي??يورٽي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم ج?? ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪمپنيون ملڪ ۾ درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سي??پڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ ??روپ جي چيئرمين وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ ??روپ جي سرپرستي ۾ هلايا ويندڙ مختلف منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراع??م محمد شهباز شريف پاڪستان جي چين سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان بلند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ملازمن جي لاءِ سي??يورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ ??روپ کي ملڪ م درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي د??وت ڏني. هن چيو ته موجوده منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت چيني سي??پڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ ??روپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان توانائي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ ??روپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چين جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ ??روپ جي منصوبن جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.