اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فرانس جي ??فير نڪولس گيلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ مو??ود هئ??. ف??انسيسي سفير فرانس جي وزيراعظم جبريل اٽل پاران مبارڪباد وارو خط پهچايو. وزيراعظم مبارڪباد واري پيغام تي فرانسيسي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فرانس سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، جيتوڻي ڪجهه سال اڳ اهي لاڳاپا مشڪل دور مان گذريا هئا پر هاڻي ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم فرانس جي ??در ايمانوئل ميڪرون سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??جلاس، جون 2023ع ۾ مو??مياتي تبديلي بابت نئين مالياتي معاهدي بابت پيرس ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ملاقاتون شامل هيون. هن جنوري 2023ع ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت جنيوا ڪانفرنس ۾ ورچوئل شرڪت جي ??ريعي صدر ميڪرون جي ??رڪت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم صدر ميڪرون کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??عوت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي ڌرين پاران گڏيل تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت ڏني. هن فرانس پاران اعليٰ فرانسيسي ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ليڊرن کي جلد پاڪستان جي ??وري تي آڻڻ جي قدم جي ??جيان ڪئي. وزيراعظم اهو به ٻڌايو ته معيشت جو استحڪام حڪومت جي ??يجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ملاقات ۾ غزه ۽ افغانستان جي ??ورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم خطي ۾ فرانس جي ??من ڪوششن کي ساراهيو. فرانسيسي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻطرفن معاملن تي ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻطرفي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ فرانسيسي وفد جو پاڪستان اچڻ متوقع آهي. هن چيو ته ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ فرانس گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند اهي.