اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غي??مع??ولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وظيفن جي لاءِ 35 کان 40 هزار درخواستون ملنديون آهن، جدي?? ٽيڪنالاجي جي استعمال سان درخواستن کي اڪلائڻ جو وقت گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته غي??مع??ولي ڪارڪردگي تي وظيفا ڏنا وڃن ٿا جن جا ساليانو 35 کان 40 هزار ڪيسز شاگردن ??ي وظيفن جي لاءِ اچن ٿا جن جي ڇنڊڇاڻ تي وقت لڳي ٿو. هن چيو ته مارچ کان سيپٽمبر تائين نتيجن جو اعلان ٿيندو رهيو آهي ان لاءِ اهو انگ وڌي وڃي ٿو. عام طو?? تي 45 ڏينهن ۾ ڪيسز مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ٿي.