اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ??نهنجي فعال سفارتڪاري ۽ گهري لاڳاپن جي هڪ حصي طور ڪيريبين ۾ سينٽ ڪيٽس اينڊ نيوس ۽ بحرالڪاهل مارشل آئي لينڊ سان باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ??نهنجو سفارتي دائرو وسيع ڪندو رهندو ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائيندو رهندو. هن چيو ته اسان ??نڍن جزيرن جي اسرندڙ رياستن تائين پهچ کي وڌائن جو ارادو رکون ٿا جيڪي گهڻ رخي سطح تي پاڪستان جي لاءِ اهم حصيدار آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ پالائو، ڪريباتي ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ سان سفارتي لاڳاپا قائم آهن.