ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظل??ن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين ساليا??ي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لبنان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظل??ن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.