اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن سان گڏجي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مسجدن جي ??عليم جي فروغ جي ??والي سان ڪردار تي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير، سنڌ جي ??عليم واري صوبائي وزير ۽ آزاد ڪشمير جي ??عليم واري وزير، تعليم وارن صوبائي سيڪريٽريز، اوقافت ??ات?? ۽ مذهبي معاملن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي. هن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ مسجدن سان گڏجي گڏيل ڪوششن جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صدر کي ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ تعليم کان محروم 70 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي ??سڪول ۾ داخلا ڪئي وئي آهي. ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام ماڊل 24 کان 30 مهينن ۾ 5 سالن جي پرائمري تعليم ڏي ٿو، پروگرام ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو، تعليم کان محروم وڏي عمر جا ٻار پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بريفنگ ۾ چيو ويو ته اي ايل پي ماڊل لچڪدار، موزُون ۽ گهٽ لاڳت جو ماڊل آهي، ان کي ڪميونٽي ??ي فراهم ڪيل جڳهه، مدرسن، مسجدن ۽ اسڪولن جي ٻي شفٽ ۾ اختيار ڪري سگهجي ٿو. مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ مسجدن کي تعليمي سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ هڪ پاليسي پيپر تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اتفاق راءِ سان تيار ڪيل پاليسي پيپر وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.