ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پا??ستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۽ اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن ۽ پا??ستان جي ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ۽ پا??ستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، پا??ستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ خان، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پا??ستان عاڪف سعيد ۽ پا??ستان جي ٻين ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سي اي او پا??ستان اسٽاڪ ايڪسچينج نگران وزيراعظم جي خصوصي تي سندس ٿ??را مڃيا ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پا??ستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي جنهن جي ڪري اڄ پا??ستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ سطح تي ڪاروبار جاري اهي. ملاقات جي شرڪت ڪندڙن عالمي مالياتي اداري جي پروگرام جي حوالي سان حڪومت جي سنجيدگي ۽ اداراجاتي سڌارن جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پا??ستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پا??ستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيراعظم تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت قدمن ۽ ان جي حوصلي جوڳي جي نتيجن تي پڻ روشني وڌي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي حوالي سان پڻ عملي قدم کڻي رهي آهي.