اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ قزاخست??ن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رياستي ميڊيا ٻنهي طرفن ڄاڻ تائين پهچ جو اهم ذريعو آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ قزاخست??ن جي سفير يرزان ڪسٽافن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قزاخستان ۾ ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا ادارن جون آفيسون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان قزاخستان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪست??ن ٻنهي طرفن ا??لا??ات تائين پهچ جو اهم ذريعو آهن. ملاقات ۾ پاڪست??ن جي ا??لا??ات واري وزارت ۽ قزاخست??ن جي ا??لا??ات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ قزاخست??ن جي ا??لا??ات وارن وز??رن جي وچ ۾ زوم ذريعي ميٽنگ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ نيشنل ڪمپني قزاخ انفارميشن ايجنسي جي وچ ۾ 2018ع ۾ ميڊيا تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون هيون. هن چيو ته لاهور مان هڪ ٽيم فلم شوٽنگ جي لاءِ قزاخستان رواني ٿي رهي آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ طرف اهم قدم آهي. ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جو اهم ميمبر آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جو ايندڙ اجلاس قزاخستان ۾ ٿي رهيو آهي، ايس سي او علائقائي ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو هڪ متحرڪ پليٽ فارم آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن، اس??ن جا مفاد ۽ مقصد وسيع پئماني تي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. قزاخست??ن جي سفير پاڪست??ن جي ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت ۽ قزاخست??ن جي ا??لا??ات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر کي قزاخست??ن جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته قزاخست??ن جو صدر پاڪستان ۽ پاڪست??ن جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، قزاخست??ن جو صدر ايندڙ سال پاڪست??ن جو دورو ڪندو، سندس اهو دورو واپاري لحاظ کان اهميت رکندڙ هوندو جنهن س??ن ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اس??ن ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. قزاخست??ن جي سفير چيو ته وچ اوڀر کي گرم پاڻين تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان اهم ملڪ آهي جڏهن ته پاڪست??ن جو شهر سيالڪوٽ فٽبال ۽ سرجيڪل اوزارن جي تياري ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ وڌائڻ سميت ويجهي معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.