اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشمير م??ئلي جي منصف??ڻي حل جي لاءِ پاڪست??ن جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ??اري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم کي آزاد ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم جي خصوصي هدايت ??ي آزاد ڪشمير ۾ توانائي، پ??ڻي ذخيرن، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي پر??ڻي مسئلن جي حل تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪشمير م??ئلي جي منصف??ڻي حل جي لاءِ پاڪست??ن جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ??اري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي امنگن موجب ڪشمير م??ئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري دائود محمد باريچ پڻ موجود هو.