اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير م??تضيٰ سولنگي سينيئر صحافي حنيف ??الد جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حنيف ??الد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، هو نه رڳو صحافين جو نمائندو آهي پر بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، حنيف ??الد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران سينيئر صحافي حنيف ??الد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حي??يت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حنيف ??الد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف ??الد جو اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي سفر آهي. هو صحافين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، هن اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف ??الد جي خدمتن جي قيمت ادا نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوا??ڊ جي لاءِ نامزد ڪريون.