اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هداي?? ڪندي چيو آهي ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽي??س جي پئسن کي ضايع ??يڻ کان بچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي سان لاڳاپيل معاملن با??ت جائزه اجلاس جي صدار?? ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال با??ت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن شمشاد اختر، فواد حسن فواد، هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نجڪاري با??ت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم سان لاڳاپيل سمورن قدمن جي هدفن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ باقاعدگي سان ان با??ت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل مڪمل ??يڻ تائين حڪومت ان جي هر ممڪن معاون?? ڪندي رهندي. خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد کان جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽي??س جي پئسن کي ضايع ??يڻ کان بچائينداسين. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري جلد کان جلد مڪمل ۽ نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي با??ت باقاعدگي سان آگاهه ڪيو وڃي.