اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي معصوم فلسطينين تي بمباري فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو جتي معصوم فلسطينين تي زمين تنگ ڪئي پئي وڃي. ترجمان غزه ۾ شهري آبادي جي خلاف اسرائيلي عملدارن پاران طاقت جي استعمال جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان کي اسرائيلي فوج پاران غيرانساني ناڪابندي ۽ گڏيل سزائن جي ڪري غزه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ سنگين انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. هن چ??و ته بجلي، ٻارڻ ۽ پاڻي جي سپلائي ڪاٽڻ جو فيصلو غيرمنصفاڻو آهي ۽ ان کي واپس و??ڻ گهرجي ڇو ته ان سان فلسطينين جي زندگين تي شديد اثر پو??دو. ترجمان چ??و ته اسرائيل کي غزه جي ماڻهن جي خلاف بمباري جي پنهنجي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عا??مي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، ناڪابندي ختم ۽ فلسطي??ي عوام تائين انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستان تازن مهينن ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن جي سنگين نتيجن جي خلاف مسلسل خبردار ڪندو رهيو آهي. ترجمان چ??و ته صورتحال جي سنگيني عا??مي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ٿي، اسان گڏيل قومن تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنگبندي ۾ سهولتڪاري جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري. هن چ??و ته عا??مي برادري کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل رياست سان گڏ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار رياستي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چ??و ته اهڙي حل جي عدم موجودگي ۾ وچ اوڀر ۾ امن اڻلڀ ره??دو.