نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سي??پڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او جيڪب اسٽوشولم ملاقات ڪئي، جيڪو کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ عا??مي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گروپ جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سي??پڪاري تي غور ڪري جنهن ۾ ملڪ جي 6 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليات جي وسيع غيراستعمال ٿيل معدني ذخيرن م??ن فائدو کڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ سون، تانبي ۽ ناياب زميني ڌاتن جا وڏا ذخيرا شامل آهن. نگران وزيراعظم ڪارڪردگي ۾ اضافي، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري بهتري، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ اعليٰ سي??پڪاري جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ حڪومت جي عزم تي ز??ر ڏيندي پاڪستان جي مضبوط معاشي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا هڪ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪ?? ڪري ٿي، طريقيڪار کي آسان بڻائي ٿي ۽ سي??پڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏي ٿي. هن ايف ڊي آئي جي ترجيح طور کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي اهميت تي ز??ر ڏنو جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن قدرتي وسيلن بشمول ٽامو، سون، زنڪ ۽ ناياب زميني معدنيات مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ ز??ر ڏنو ته پاڪستان حڪومت جو مقصد ريو ٽنٽو جهڙين ڪمپنين سان تعاون سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام جي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ سي??پڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او دعوت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ يقين ڏياريو ته سندس ٽيم پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سي??پڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪندي.