اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مست??نگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مست??نگ ڌماڪي ۾ جمعي?? علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جمعي?? علماءِ اسلام جي اڳواڻ تي حملو هڪ بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن زخمين جي جلد ص??تي??بي لاءِ دعا پڻ ڪئي.