پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يونيورسٽي جي ه??شيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽا يونيورسٽي جي افتتاحي ??قر??ب ۾ بونير يونيورسٽي جي ه??شيار شاگرد رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رحمان علي پنهنجي ??قر??ر ۾ وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي س??راهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي ه?? اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خو??ي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، رحمان علي جي انهن جملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.