اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ پيڙهه جي پٿر وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سرينگر هاءِ وي تي سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج ??و افتتاح ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم آءِ جي پي روڊ جي نئين سر ت??مي?? جي منص??بي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم اليونٿ ايونيو جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم کي ان??ن منصوبن تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني ويندي ۽ وزيراعظم ان موقعي ت?? خطاب پڻ ڪندو.