س??او??-13 جون (اي پي پي) ڊپٽ?? ڪمشنر امتياز علي ابڙو شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇان جي ساحلي علائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽ?? ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج س??او??، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج س??او??، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول س??او?? I، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول س??او?? II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول س??او??، مورو مرڪز س??او??، گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا س??او??، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ س??او??، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جاتي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي، سيف اسڪول جاتي ٽائون، مين پرائمري اسڪول جاتي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جاتي ۾ رل??ف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رل??ف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽ?? ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي علائقن مان ڪڍي مختلف رل??ف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور م??م پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽ?? ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.