اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو موجود آهي?? هن چيو ته ناڻي واڌ معيشت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو آهي پر ا??ان ان کي وقت ??ان گڏوگڏ گهٽ ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو?? هن چيو ته پاليسي ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هليو ويو آهي تن??ن هوندي به ان کي هيٺ آڻڻ ۾ وقت گهربل آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي ان ??ان گڏوگڏ ٻاهرين ادائيگين جي نظام کي به بهتر ڪيو ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ??ان گڏوگڏ ٻين ٻاهرين ادائيگين کي به ممڪن بڻايو ويو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پاليسي ريٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تن??ن هوندي به قوم مطئمن رهي ته ا??ان مشڪل وقت مان گذري چڪا آهيون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذم??واري بڻجي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪري ته جيئن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.