اسلام آباد -09 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي گهرو ۽ قانوني معاملن واري خاص مددگار عطا تارڙ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ سختي ??ان منهن ڏنو ويندو، اڄ اربع تي ??مران خان کي توشاخانه ڪيس ۾ به عدالت جي سامهون پيش ڪيو ويندو جتي ??ن تي فرد جرم به لاڳو ٿيندو، عمران خان جي ڄنگهه سميت مڪمل ميڊيڪل ٿيندو، مريم نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ کي مذاق بڻائيندڙ جي پنهنجي ٽرسٽ ڊيڊ گرفتاري جو سبب بڻجي و??ي آهي، عمران خان سري عام 7 ارب روپين جي زمين وٺي 190 ملين پائونڊ کي و??ئيٽ مني ڪري پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪرپشن ڪئي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هي هن ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرپشن اسڪينڊل آهي، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ هڪ صاحب هڪ بند لفافو کڻي اچي ٿو، بند لفافي تي ڪابينا جي م??ظوري و??تي و??ي هئي، ان وقت جي احتساب بابت ??لا??ڪار کي ڪنهن اختيار ڏنو هو ته 190ملين پائونڊ کي هڙپ ڪيو وڃي، هن چيو ته نيب 190 ملين پائونڊ معاملي جو نوٽيس وٺندي پهرين مرحلي تي ??ڪايت جي تصديق ٿي آهي ته ان کان پوءِ جاچ ٿيندي آهي بعد ۾ جاچ جو مرحلو اچي ٿو، جڏهن جاچ جو مرحلو آيو ته نيب طرفان طلبي جا نوٽيس موڪليا ويا، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي چيو ويو ته اوهان تي ??لزام آهي ته 190 ملين پائونڊ معاملي جي ڪابينا مان منظوري و??تي ۽ ان ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي و??ي آهي، هن چيو ته نيب کي خبر پوي ٿي ته بابر اعواڻ ۽ ذلفي بخاري طرفان ٽرسٽ قائم ڪيو ويو، ٽرسٽ هميشه عام مفادن لاءِ بڻايو ويندو آهي پر هتي 7 ارب جي زمين تحفي ۾ ٽرسٽ کي ڏني وڃي ٿي، ان ٽرسٽ ڊيڊ تي ??ابر اعواڻ ۽ ذلفي بخاري جي صحيح آهي بعد ۾ ان ٽرسٽ ڊيڊ کي تبديل ڪري عمران احمد نيازي ۽ بشريٰ بي بي جي صحيح ڪئي و??ي، 458 ڪينال ايراضي القادر ٽرسٽ جي نالي رڪارڊ تي ??هي، هن چيو ته القادر ٽرسٽ عوامي م??اد جو ڪم ڪري رهي آهي، 458 ڪينال، 4 مرله ايراضي ڪهڙي مد ۾ ڏني و??ي ۽ هاڻي تائين عام مفاد ۾ ڇو نه استعمال ڪئي و??ي، 180 ملين روپيا ٽرسٽ کي م??يا آهن، عمران خان سري عام 7 ارب جي زمين وٺي 190 ملين پائونڊ کي و??ئيٽ مني ڪري پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪرپشن ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان کي ڪيترائي نوٽيس جاري ٿيا پر هن ڪنهن جو به جواب نه ڏنو، قدرت جو نظام آهي ته مريم نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ کي مذاق بڻائيندڙ جي پنهنجي ٽرسٽ ڊيڊ گرفتاري جو سبب بڻجي و??ي آهي. هن چيو ته مريم نوا??، حمزه شهباز، احد چيما سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جيلن ۾ رکيو ويو پر انهن جي خلاف ڪو به ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪجهه جاين تي ??حتجاج ڪري رهيا آهن ۽ دعويٰ ڪري رهيا آهن ته خبرناهي ڪٿي پهچي چڪا آهن، انهن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي پر اسان بدامني نٿا چاهيون. هن چيو ته شهزاد اڪبر جو مداح آهيان جنهن ٽريپ ڪري پاڻ اربين روپيا لُٽي پاڪستان کان ٻاهر ويٺل آهي ۽ عمران خان هتي ڀوڳي رهيو آهي، نيب آرڊيننس جو سيڪشن 9 اربين روپين جي لُٽ مار تي ??رڪت ۾ آيو آهي، هن چيو ته اڄ اربع تي ??مران خان کي توشاخانه ڪيس ۾ به عدالت جي سامهون پيش ڪيو ويندو جتي ??ن تي فرد جرم لاڳو ٿيندو.هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته نيب جي جاچ شفاف ٿيندي، هي ڪيس جلد منطقي انجام تائين پهچندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته طارق بشير چيمه ۽ فيصل واوڊا ان ڪابينا اجلاس ۾ اختلاف ڪيو ۽ چيو ته لفافو کوليو وڃي، سڀ ڪجهه رڪارڊ تي ??هي، ان تي پراپرٽي ٽائيڪون سميت عمران خان جي ڪابينا جي سڀني م??مبرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته عمران خان سان ڪو به انتقام ناهي، جيڪڏهن انتقام وٺڻو هجي ها ته گهڻو وقت اڳ عمران خان گرفتار ٿي وڃي ها، نيب قانون ۾ پلي بار گين آهي لُٽيل اربين روپيا واپس ڪري ڇڏيو ته عمران خان آزاد ٿي ويندو.