اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سعودي عرب ايران سفارتي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي سان مل??قات دوران ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي ??زارت ۾ مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري مل??قات ۾ سعودي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت جا ٿو??ا مڃيا.