اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ا??لام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جي ??يڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تقريب سومر تي ٿي. قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر راجا پرويز اشرف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب سميت پارليامينٽ جي ??يمبرن وڏي تعداد ۾ يادگار دستور جي ??يڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سي ڊي اي 14 آگسٽ 2023ع کان اڳ ڊي چوڪ ۾ يادگار دستور مڪمل ڪندي. هن چيو ته 10 اپريل 1973ع تي متفقه آئين منظور ٿيڻ اهم قومي سنگ ميل آهي. اسلامي، وفاقي، پارلياماني ۽ جمهوري آئين جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ??هرين تقرير ۾ ئي ڏئي ڇڏيو هو. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ 10 اپريل 1973ع سڀ کان اهم ڏينهن هو جڏهن متفقه آئين ٺهيو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ دستور جي ??ادگار موجود آهي. ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي کي مبارڪون ڏيان ٿو جنهن يادگار جي تعمير جو فيصلو ڪيو. اميد آهي ته جلد ان يادگار کي مڪمل ڪيو ويندو. يادگار جي ڊزائين لاءِ سڄي ملڪ ۾ مقابلو ڪرايو ويندو ۽ آئين جي شاندار ڊزائين جي ??نظوري ڏني ويندي. شاهراهه دستور تي يادگار سان گ?? هڪ باغ به تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن سان شهرين کي تفريح به ميسر ايندي. اميد آهي ته يادگار دستور ۾ آئين تي صحيحون ڪندڙ تاريخي شخصيتن کي مناسب انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. اسپيڪر چيو ته يادگار جي تقدس کي برقرار رکيو ويندو. اميد آهي ته سي ڊي اي ان طرف خاص ڌيان ڏيندي. هن سمورين سياسي پارٽين کي مخاطب ڪندي چيو ته اچو ته اسان سڀ سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي ??حسنن جو شڪريو ادا ڪريون. ان کانپوءِ اسپيڪر پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ واقع يادگار شهيداءِ تي حاضري ڏني ۽ گل پيش ڪيا، بعد ۾ اسپيڪر ڊي چوڪ ۾ يادگار جي افتتاح طور تي باغ جو پهريون ٻوٽو به لڳايو. ان موقعي تي ملڪي ترقي، خوشحالي، آئين جي سربلندي ۽ جمهوريت جي ا??تحڪام لاءِ خصوصي دعا به ڪئي وئي. اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ 1973ع جي آئين جي ??نظوري سان لاڳاپيل تاريخي تصويرن تي ٻڌل ”تصويري نمائش“ جو افتتاح ڪيو.