اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته ??ڪ متحرڪ جمهوريت طور پاڪستان جي عوام جمهوري قدرن سان گهري وابستگي رکي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ويو آهي ته ??اڪستانين جي نسلن وقت بوقت جمهوريت، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين بابت پنهنجي اعتماد کي برقرار رکيو آهي، هلندڙ مهيني قوم 1973ع ??ي آئين جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي جي??ا پاڪستان ۾ جمهوري سياست جو سرچشمو آهي. ترجمان چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجي ??وس??ي جو قدر ڪريون ٿا، بائيڊن انتظاميا دوران اسان جا گڏيل لاڳاپا ڪافي حد تائين وسيع ۽ وڌيا آهن، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??اڪستان ان سمٽ جي عمل جو حصو ناهي رهيو جيڪو 2021ع ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ ملڪن سان ڪجهه قومي واعدا ڪرڻ جي ضرورت هئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سربراهي اجلاس جو عمل هاڻي هڪ اعليٰ درجي جي مرحلي تي آهي، ان لاءِ پاڪستان جمهوري اصولن ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انساني حقن ۽ بدعنواني جي خ??اف جنگ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ سربراهي اجلاس جي شريڪ ميزبانن سان ٻطرفو تعاون ڪندو.