اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان پاران ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان ترڪ عملدارن جي حوالي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف ترڪيه جي د??ري د??ران آديامان ويو جتي هن زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم سينٽر ۾ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان پاران موڪليو ويندڙ امدادي سامان ترڪ عملدارن جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي ترڪ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪندو. هن چيو ته متاثرين کي سردين جي خيمن جي امداد جاري رکي ويندي.