اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل راف??ل ماريانو گروسي 15 کان 16 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پنهنجي ٻن ڏينهن ??ي دوري دوران هو پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيد??وا?? جي شعبن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو. ترجمان چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.