ڪراچي – 14 – في??روري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تق??يب اتر بحيره عرب ۾ منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تق??يب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا موجب تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري، سنڌ ??و گورنر ۽ سنڌ ??و وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ تق??يب ۾ شريڪ هئا. مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تق??يب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سر??سز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز تي اچڻ تي اميرالبحر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين مشق امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي.