اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪست??ن جو موسمياتي تبديلي?? جي سببن ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ??ن جي باوجود هن ٻوڏ جهڙي آفت?? جي تباهي?? جي صورت ۾ وڏي قيمت ا??ا ڪئي آهي، هي هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن ذريعي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪست??ن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هن وقت دنيا کي موسمياتي تبديلي?? جي ڪري هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي جڏهن ته پاڪستان ان کان شديد متاثر آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ ۽ ??ن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته موسمياتي تبديلين جا اثر تمام گهڻا سنگين نوعيت جا آهن. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري 8 ملين ماڻهو اڃا به متاثر آهن، آبادين ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ کان متاثر آبادي جو ڪاٿو ٽن وچولي سائيز جي يورپي ملڪ?? جي آبادي کان وڌيڪ آهي ڇو ته هي صديءَ جي رڪارڊ ٻوڏ هئي. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل پاڻ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي تباهين جو مشاهدو ڪيو. هن چيو ته اسان گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جا ٿورائتا آهيون جنهن ٻوڏ متاثري?? جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي پاڪست??ن جي لاءِ عالمي مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪئي. وفاقي وزير چيو ته جنيوا ۾ عالمي برادري پاڪست??ن جي آواز تي ??ن جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن تي اسان ??ن جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي?? جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ا??ا ڪري رهيو آهي، 27 ۾ پاڪست??ن جي قائداڻي ڪردار جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي حوالي سان ڪوششون ڪامياب ٿيون، اس??ن جي قيادت اهو سڀ هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو جڏهن اس??ن جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪلائميٽ ايمرجنسي هئي ۽ اها ايمرجنسي جي صورتحال اڃا به آهي. شيري رحمان چيو ته اس??ن جي لاءِ ڳڻتي جومعاملو اهو آهي ته ا??ڙي صورتحال اڳتي به پيدا ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ اسان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ مسومياتي تبديلين سان موافقت پي??ا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان اسلسلي ۾ قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ سميت مختلف قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ا?? مقصد جي لاءِ عالمي تعاون سان گڏيل ڪوششون ئي ڪارائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون.