اسلام آب??د – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي ق??مي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام آهي، اينٽي ڪ??پش?? پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪ??پش?? پنجاب کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال ت??هان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل ت??افي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪ??پش?? پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.