ملڪ ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي فروغ جي ضرورت آهي، سڄي دنيا ۾ اسڪرين ٽوئرازم اهم مقام حاصل ڪري چڪي آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب ملڪ ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اسڪرين ٽوئرازم اهم مقام حاصل ڪري چڪي آهي، اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي اسان نه رڳو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي سگهون ٿا پر پنهنجي ثقافت ۽ معاشرتي قدرن کي پڻ فروغ ڏئي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي فلم ۽ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي وچ ۾ ”نقش ڊيجيٽل فلم“ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان جي فلم انڊسٽري تمام گهڻين ڏکين حالتن کي منهن ڏنو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ فلمسازي جي لحاظ کان هڪ وڏو ملڪ هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي مقابلي ۾ فلمي صنعت جو سڀ کان وڏو پروڊيوسر ملڪ هو. هن چيو ته ??اڪستان ۾ 30 کان 40 سالن ۾ فلم انڊسٽري تقريبن ختم ٿي چڪي هئي، گذريل 10 سالن ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحالي طرف گامزن ٿي. هن چيو ته ??سلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ 2018ع ۾ پاڪستان جي 0 هين سالگرهه جي موقعي تي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي جاري ڪئي، اها پاليسي پاڪستان جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪئي وئي هئي، اهو اسان جو هڪ اڻمڪمل ٽاسڪ هو جيڪو اسان اپريل 2022ع ۾ ٻيهر شروع ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ”نقش ڊيجيٽل فلم“ پروگرام کي ڪاميابي سان جاري ڪرڻ تي فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ??لم انڊسٽري جو فروغ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ??لم انڊسٽري ۾ روزگار جي گهٽ موقعن جي ڪري پاڪستان ۾ شاگرد عام طور تي ان ڊگري طرف گهٽ اچن ٿا. هن چيو ته ??لم انڊسٽري جي فروغ لاءِ پاڪستان حڪومت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ فلمسازي سان ٿيندڙ آمدني تي هاڻي ڪو ٽيڪس نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان حڪومت ”فلم فنانس فنڊ“ جوڙي رهي آهي جنهن ۾ نوجوان فلمسازن کي آسان پهچ دستياب هوندي. هن چيو ته ان فنڊ جي ذريعي نوجوانن کي قرضن بدران گرانٽ فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ان فنڊ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پڻ پهريون ڀيرو انگيج ڪيو ويو آهي، ڪا به ??ارپوريٽ لسٽڊ ڪمپني فلم جي تياري لاءِ ان فنڊ ۾ حصووٺندي ته ان سان ٿيندڙ آمدني ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي. مريم اورنگزيب چيو ته ??اڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ ڪئميرا، اوزارن، سئنيما اوزارن سميت ٻين ايڪوئپمينٽس جي درآمد تي ڪو ٽيڪس ۽ امپورٽ ڊيوٽي نه آهي. هن چيو ته سئنيما گهر جي اندر انٽرٽينمنٽ ٽيڪس پڻ زيرو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهرن جي 10 سالن تائين آمدني تي به ??و ٽيڪس نه هوندو. هن چيو ته راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۾ مشهور سئنيما گهرن کي لينڊ مارڪس جي حيثيت حاصل هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان ۾ سئنيما گهر بند ٿيڻ جي ڪري فلم ٺهڻ پڻ بند ٿي وئي هئي، راولپنڊي ۾ شبتان، گلستان ۽ نادر سئنيما جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهي راولپنڊي جون مشهور لينڊ مارڪس هيون. بدقسمتي سان پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن م موجود ماضي جا مشهور سئنيما گهر پيٽرول اسٽيشنن، شادي هالز ۽ پلازائن ۾ منتقل ٿي ويا. هن چيو ته سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪندي حڪومت ٻيهر ٺهڻ سان سئنيما گهرن جي آمدني تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي. هن چيو ته ڪو به ??ارپوريٽ سيڪٽر فلم ليب ۽ فلم اسٽوڊيوز ۾ سيڙپڪاري ڪندو ته ان جي آمدني تي پڻ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان جي فلم پاليسي بابت سموري معلومات وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن چيو ته اها رڳو پاليسي نه آهي پر ان تي عملدرآمد پڻ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ??اطمه جناح يونيورسٽي پاران نقش ڊيجيٽل فلم جهڙن قدمن سان پاڪستان ۾ فلمي صنعت کي فروغ ملندو. هن چيو ته اهڙا پروگرام پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته ??اڪستان جي 66 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي نوجوانن کي فلمسازي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي ئي اهي طريقا آهن جن جي ذريعي اسان راءِ جو اظهار ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير فاطمه جناح وومين يونيورسٽي ۾ ميڊيا اسٽڊيز اينڊ ڪميونيڪشن سينٽر کي ساراهيندي چيو ته ??اطمه جناح يونيورسٽي جي نقش ڊيجيٽل فلم جي لاءِ پي ٽي وي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. هن چيو ته ??ي ٽي وي وٽ جيڪو انفراسٽرڪچر موجود آهي اهو ڪنهن ٻئي چينل وٽ نه آهي، پي ٽي وي هڪ انٽرنيشنل براڊڪاسٽر آهي. هن چيو ته ??ي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي ان پروگرام جي لاءِ پنهنجو پليٽ فارم م??يا ڪندا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن جي ٽيلينٽ کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??لمون ڪنهن به معاشري جي قدرن جي عڪاسي ڪن ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي وي جي ايم ڊي سهيل علي خان چيو ته شارٽ فلم پي ٽي وي جو لازمي جز آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير جي ڪوششن سان پي ٽي وي گهٽ وقت ۾ شارٽ فلمن جي تياري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ موجدو ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي وڌ کان وڌ موقعا ڏيڻ گهرجن. تقريب کي فاطمه جناح يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئرپرسن ۽ سوشل سائنسز ڊپارٽمينٽ جي سينيئر رپورٽنگ آف??سر پروفيسر ڊاڪٽر ثروت رسول پڻ خطاب ڪيو. مفاهمت جي ياداشت تي پي ٽي وي فلمز جي هيڊ نريتا ۽ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثروت رسول صحيحون ڪيون. تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آف?ر م??شر حسن، پي ٽي وي جي ايم ڊي سهيل علي خان، پي ٽي وي فلم جي هيڊ نريتا، فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثروت رسول، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊاڪٽر م??مد علي، اسسٽنٽ پروفيسر ڊپارٽمينٽ آف ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊاڪٽر شازيه، سينيئر ليڪچرر ڊپارٽمينٽ آف ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز يوسف، او آر آءِ سي جي مئنيجر ڊاڪٽر عماد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان
متعلقہ مضامین
مزید خبریں
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس