اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيمرا ۾ جنسي طور خوفزده ڪرڻ جو ڪيس ٻيهر شنوائي جي لاءِ خوفزده ڪرڻ جي خاتمي ب??بت وفاقي محتسب جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پيمرا جي هڪ جنرل مئنيجر کي عورت کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ هڪطرفي سزا ٻڌائي وئي هئ??، پيمرا جي جنرل مئنيجر ان فيصلي کي چئلينج ڪيو هو جنهن ۾ پيمرا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل کي هڪ عورت ساٿي کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي ??يس ۾ صدر ڊي جي پيمرا کي ”نوڪري تان برطرفي“ ۽ 25 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ مٿس ڊي جي جو ساٿ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو هو. صدر ڪيس هراسگي جي خاتمي ب??بت وفاقي محتسب جي حوالي ڪندي چيو ته جو??بدار، زندگي کي خطرو هجڻ جي ??ري پاڪستان کان ٻاهر موڪل تي هو، محتسب ڪيس جو فيصلو هڪطرفي طور ڪيو، خوفزده ڪرڻ جي خاتمي ب??بت وفاقي محتسب ڪم واري جاءِ تي جو??بدار کي شنوائي جو موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته انصاف جي اصولن موجب جو??بدار جي ايم کي ٻڌڻي جو مناسب موقعو ڏنو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جو??بدار جي ايم ۽ ان جي وڪيل بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي آڏي پڇا جي لاءِ دستيابي جي خاطري ڪرائي آهي. صدر هدايت ڪئي ته ڪيس نئين سر ٻڌڻي جي لاءِ محتسب جي حوالي ڪيو وڃي ٿو جنهن جو 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي. هن دير سان جو??بدار جي ايم کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو موقف رد ڪري ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي سماجي ۽ ثقافتي ماحول ۾ خاندان جي عزت ۽ آبرو جي رواج جي ??ري هڪ عورت جي لاءِ اهڙي پريشان ڪندڙ واقعن ب??بت ڳالهه ڪرڻ آسان نه آهي، اهڙن ڪيسن ۾ جو??بدار پاران عورت جي ??ردار جي خلاف جو??بي الزامن جو انديشو به هوندو آهي. صدر چيو ته انهن سببن جي بنياد تي جنسي هراسگي جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ نه ٿا ٿين، جنسي هراسگي جا متاثر معاملي کي رپورٽ ڪري همت جو مظاهرو ڪن ٿا. صدر چيو ته شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ دير جي بنياد تي اهڙن ڪيسن کي رد نه ڪرڻ گهرجي.