اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، گورنرز ۽ مي??يا کي لکيل خطن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ انهن کي فعال شرڪت جي دعوت ڏيندي عورتن ۾ موذي مرض بابت پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ تعاون جي اپيل ڪئي آهي. صدر انهن کي هن س??ل ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ فعال ۽ رضاڪاراڻي طور حصيدار بڻجڻ جي دعوت ڏني جنهن ۾ پٺتي پيل طبقن جي عورتن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو جتي عورتون سڀ ??ان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جا اٽڪل هڪ لک نوان ??يس?? رپورٽ ٿين ٿا، جن مان اڌ عورتون دير سان تشخيص جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته انهن قيمتي جانين مان 98 سيڪڙو کي پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص بابت آگاهي پيدا ڪري بچائي سگهجي ٿو. صدر ٻڌايو ته خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي قيادت ۾ گذريل چار سال جي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ??يس?? جي شروعاتي رپورٽنگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ناليوارن صحافين جي نالي پنهنجي خطن ۾ هن گذريل چار سال دوران مسلسل تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن جي قدر جوڳي تعاون ۽ فعال حصيداري کانسواءِ مهم جي ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن مي??يا پرسنز تي زور ڏنو ته اهي هن س??ل به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن ٽارگيٽ عورتن کي نيوز بليٽنز، خصوصي رپورٽس، ڊرامن، مارننگ شوز، مضمونن، ڪالم ۽ ايڊيٽوريلز جي ذريعي پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص جي بنيادي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. صدر عورتن کي تعليم ڏيڻ ۽ پاڻ تشخيص ۽ مرض بابت جلد پتو لڳائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن س??ل جي لاءِ ڪيترين ئي سرگرمين بابت به ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته هن س??ل جي آگاهي مهم پٺتي پيل طبقن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي عورتن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪندي. صدر انهن تقريبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مي??يا جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته مي??يا عورتن کي پاڻمرادي معائني جي لاءِ آگاهي ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ٺوس آگاهي مهم شروع ڪري ۽ رضاڪاراڻي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص سميت صحت بابت مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صحتمند خوراڪ جي اهميت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري. واضح رهي ته آڪٽوبر ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو آهي، ان دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اثرن، ان کان بچاءُ، جلد تشخيص ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي ٿي.