اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضائيه جي ايمرجنسي ريپانس ٽيمون وادي نلتر ويلي، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهيون آهن. ايئر وائيس مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ ضلعي راجن پور ضلعي ۾ واق??ي پي اي ايف فلڊ رليف ڪيمپ جو معائنو ڪيو ۽ پي اي ايف ٽيمن طرفان فراهم ڪيل امدادي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پاڪ ??ضائيه جي ترجمان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ ??ضائيه جي ٽيمن متاثر خاندانن ۾ 5570 پڪل کاڌن جا دٻا?? 1260 پاڻيءَ جون بولتون ۽ 2314 راشن پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ ب??يادي کاڌي پيتي واريون شيون شامل هيون. وڌيڪ خوراڪ ۽ـ رهائش جي فراهمي کان علاوه پاڪ ??ضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 787 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي. متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.