سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن قائد حريت سي?? علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ڪشميرين جي عزم کي ورجايو آه??. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سي?? علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي ع??ام جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ سي?? علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ڪشميري ع??ام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري رهيو آه??، سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ سي?? علي گيلاني جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکيو وي??دو?? ڪشمير ڪاز جي لاءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ڪشمير جي تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو وي??دو?? سي?? علي گيلاني هڪ ارڏو اڳواڻ هو جنهن ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي آواز ڪشميرين جو آواز بڻيو ۽ پنهنجي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سي?? منظور احمد شاهه، سي?? اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو آه?? ته سي?? علي گيلاني عزم ۽ حوصلي جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي ع??امت هو، سي?? علي گيلاني هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آه??، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي انهن مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي حوصلو بخشنديون رهنديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آه??، سي?? علي گيلاني جو مشن ۽ نظريو زندهه آه?? ۽ زندهه رهندو.