سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سک?? ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز ش??يف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سک?? پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سک?? تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري م??ڊي??ل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سک?? جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نم??ئندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفن?? ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ م??ڊي??ل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.