اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم آزادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفظ خان طرفان جاري بيان مطابق 14 آگسٽ جي ڏينهن پي آءِ اي سڀني اڏامن تي جشن آزادي ملهائي ره?? آهي. اڏامن تي قوم جي نئين معمار ٻارن جهنڊن وارا ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طو?? تي ملي نغما ڳايا ويا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ پيش ڪيا ويا. ??نه?? تقريبن جو انتظام پاڪستان جي 75ه??ن يوم آزادي جي موقعي تي ڪيو ويو آهي.