اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ جي لاءِ هنرمند انساني وسيل?? جي انگ ۾ تيزي سان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شاگرد?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته شاگرد بهتر فيصلاسازي جي لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪن، شاگرد پنهنجي لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شاگرد ماضي جي تجربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان دستياب علم مان فائدو کڻن. هن چيو ته نوجوانن کي غلط معلومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگرد رسول الله ﷺ جي سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻه?? جي تجرب?? جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شاگرد?? جي ڪردار کي خاص اهميت ڏيندو هو، بطور صدر پاڪستان عورت?? جي ملڪيتي حق?? جي تحفظ، خصوصي ماڻه?? جي ڀلائي ۽ قومي ا??ميت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ??در??ي وسيلن سان گڏوگڏ هنرمند انساني وسيلا قوم?? جي پائيدار ۽ تيز رفتار ترقي جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وسيل?? جي غيرموجودگي ۾ ??در??ي وسيلن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چيو ته تعليمي ادارا شاگرد ۽ علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن، تعليمي ادارا ??در??ي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قابل ۽ هنرمند پيشيواراڻي ماڻه?? جي مسلسل فراهمي يقين?? بڻائين.