اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته م??اشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي وئي، ان ??وقعي تي شازيه م??ي وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته م??اشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت کي ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون ??دا??تون به ڪيون.