اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شفاف نظام ي??يني بڻائي ٽيڪس ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري تي عوام جو اعتبار وڌي رهيو آهي ۽ شڪايت ڏيندڙن جي شڪايتن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي ”فوري انصاف توهان جي چائنٺ تي“ جي موضوع تي آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر عاصف محمودجاه هراسان جي خلاف تحفظ لاءِ و??اقي محتسب ڪشمالا طارق، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اڳوڻو وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل، ايف بي آر، وفاقي ٽيڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن ??ي سينئر آفيسرن ۽ مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب جو ادارو ٽيڪس گذارن ??ي سهولت ۽ انهن جي مسئلي جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٽيڪس نظام ۽ شڪايتن جي ازالي بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام مجموعي طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسلامي رياست ۾ زڪوات جو نظام اهم آهي، هڪ مهذب معاشري لاءِ ضروري آهي ته نادرا ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪري، قومي وحدت لاءِ جعلي خبرن ??هڙي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته ٽيڪس جي شڪايتن جي حوالي سان تعاون، انصاف جو رستو کوليندو آهي، شڪايتن جي الزالي لاءِ و??ت 60 ڏينهن کان گهٽ ڪري 40 ڏينهن تي اچي ويو آهي، ٽيڪس نظام ۽ شڪايتون داخل ڪرڻ ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان شفافيت اچي رهي آهي، وفاقي ٽيڪس محتسب جهڙن ادارن لاءِ ??يڪ??الاجي مددگار ثابت ٿيندي، صدر وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ان جي ٽيم کي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبارڪباد پيش ڪئي، صدر چيو ته شڪايتن جي ازالي ۾ غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جديد ??يڪ??الاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بلاڪ چين ??يڪ??الاجي جي مدد سان فنڊن جي ڪرپشن، انڊر انوائيسنگ ۽ رشوت کي روڪي سگهجي ٿو. جديد آءِ ٽي نظام جي ذريعي ٽيڪس گذارن کي جلد رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. داڪٽر عارف علوي ٽيڪس گذارن ??ي زور ڏنو ته هو ٽيڪس عملدارن ??ي ناانصافي، شڪايتن جي ازالي ۽ انصاف کي حاصل ??رڻ لاءِ و??اقي ٽيڪس محتسب سان رابطو ڪن، هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطن جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۾ ماڻهن جي شڪايتن جي باري ۾ ماڻهن کي ڀرپور آگاهي ڏيڻ اڻٽر آهي. ٽيڪس گذارن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري ڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جديد ??يڪ??الاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي جي باري ۾ هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.