اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي ??دد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، اخوت فائونڊيشن جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ اخوت فائونڊيشن جي تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ اخوت فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ اخوت جي ??نصوبن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ اخوت جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گوجر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گوجر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي ??ڳ ڀڳ ماڻهو اخوت جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، هن ايندڙ هفتي گوجر خان ۾ اخوت ??ي سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اس??يڪ?? کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، هن چيو ته تازو ئي اخوت چڪوال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آهي، هن اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اس??يڪ?? کي اخوت جي ??وجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي ??ون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.