اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان گوادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، عالمي برادري جي م??لسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن موجب خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? ۾ ايران جي سفير سيد علي م??مد حسيني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بلوچ??تا?? ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو اسان جي ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، وزيراعظم ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوام جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اسان جا تاريخي لاڳاپن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ٻنهي ملڪن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ گهرجي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان گوادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران کان پاڪ??تا?? کي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طور تي س??ري?? ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي تي م??لسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري جي م??لسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ان جي پنهنجي خواهشن موجب پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا. افغان??تا?? ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته افغان??تا?? جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغان??تا?? جي صورتحال تي بنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، ايران جي سفير سيد علي م??مد حسيني وزيراعظم شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني قيادت پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغان??تا?? سميت اهم علائقائي ۽ عالمي م??املن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي م??اورت کي به اجاگر ڪيو، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ايراني قيادت کي پاڪ??تا?? جي دوري جي دعوت ڏني.