اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر سان چيني ناظم ال??مو?? پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حن?? رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي اهم منصوبي سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خ??اه??مند آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چيني سيڙ??ڪا??ي جي آجيان ڪريون ٿا.