ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي تقريب ۾ وز??راعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وز??ر عبدالقدوس بزنجو، مواصلات وارو وفاقي وز??ر مولانا اسعد محمود، صوبائي وز??ر، پارليامينٽ ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي ڪل ڊيگهه 700 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي 330 ڪلوميٽر حصي خضدار ڪچلاڪ کي نئين سر تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي تي 37 پليون ۽ هڪ هزار ڪل??رٽ?? ٺاهيا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. رستي جي تعمير سان 5 هزار ماڻهن کي ر??زگ??ر جا موقعا ملندا.