اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور م??ڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ م??ٽر?? بس منصوبي جو دورو ڪيو ۽ منصوبي ۾ دير جي جاچ جو حڪم ۽ ماڻهن کي سفر جي بهترين ۽ معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي پڻ م??ٽر?? بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم صبح 7 وڳي م??ٽر?? بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موٽر م??ٽر?? بس جي سائيٽ تي پهتو. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ احسن اقبال، انجم عقيل خان، حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ مريم اورنگزيب پڻ س??ڻس گڏ هئا. وزيراعظم کي سي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جي عملدارن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڇنڇر کان 15 بسون ان روٽ تي هلڻ شروع ٿي وينديون، 5 مئي تائين 30 بسون وڌيڪ پهچي وينديون، اهو منصوبو 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر دير جو شڪار رهيو. وزيراعظم منصوبي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 16 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن پر ايترو ڊ??هو عرصو اهو منصوبو التوا جو شڪار رهيو آهي جيڪا انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي، منصوبي ۾ دير جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دير جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ڇو فيصلا وقت تي نه ٿيا ۽ ان ۾ دير جو سبب ڪهڙو آهي، هي قوم جو پئسو آهي جنهن جو ماڻهن کي فائدو نه پهتو، فنڊز عوامي ڀلائي جي اهڙن منصوبن تي خرچ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هن منصوبي سان ماڻهن کي ايئرپورٽ تائين اچ وڃ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته موٽروي تي پڻ هڪ م??ٽر?? اسٽيشن ٺاهي وڃي، موٽروي تي جيڪڏهن م??ٽر?? اسٽيشن نه هوندي ته ان سان سڄي منصوبو جو ماڻهن کي فائدو نه پهچندو، ان لاءِ ڪا شٽل سروس ئي ڇو نه هلائڻي پوي موٽروي تي م??ٽر?? اسٽيشن هنگامي بنيادن تي ٺاهي وڃي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ٽڪيٽنگ جو عمل جيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي ٽڪيٽون مينوئل طريقي سان جاري ڪيون وڃن ۽ رمضان المبارڪ ۾ مفت م??ٽر?? بسون هلايون وڃن ته جيئن هن مقدس مهيني ۾ شهرين کي سهولت ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايئرپورٽ ويندڙ مسافرن جي سامان لاءِ بسن ۾ سامان رکڻ جي سهولت ڏني وڃي، عوامي مفاد جا منصوبا جلد مڪمل ڪ??ڻ گهرجن. وزيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي معياري ۽ بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي م??ٽر?? بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم م??ٽر?? بس ۾ سفر پڻ ڪيو ۽ جاري ڪم جو معائنو ڪيو.