اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايسوسيئيٽ ڊگري رکندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آه?? ته ملڪ کي هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، تعليمي ??عب?? ۾ جدت سان ملڪ ترقي جي منزل طئي ڪندو جڏهن ته قدر جي بنياد تي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، دنيا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ماڻهن جو وڏو انگ گهربل آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيسن کي بطور چانسلر خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ سائنس ۽ ٽيڪانلاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، يوينورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر محمد تبسم افضل، تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي مختلف ??عب?? جي سربراهن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر يونيورسٽي جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي رينڪنگ تي ريڪٽر، استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته اخلاقيات کانسواءِ علم جو ڪو فائدو نه آه??، اسان جي معاشري جي خوبصورتي اسان جا قيمتي قدر آه??، شاگرد ماءُ پيءُ جي تربيت جي ڪري هيستائين پهتا آه??، ڪائنات جو علم وسيع آه??، شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ تمام گهڻن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامسيٽس جو ڳاڻيٽو بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، شاگرد اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ تي والدين جا ٿورا مڃين، ملڪي ترقي جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ضروري آه??، زمانو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آه??، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪميونيڪشن اسڪلز اهميت رکي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 ملين سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آه??، وزيراعظم آءِ ٽي تان ٽيڪس ختم ڪيو آه??، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ورچوئل يونيورسٽي 22 لک نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ڏنا اهن، ضروري آه?? ته هيومن ريسورس جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته هن چيو ته فيصلاسازي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ خال کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد تبسم افضل ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مجموعي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان کان اڳ يونيورسٽي جي چانسلر صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ ڪانووڪيشن هال ۾ داخل ٿيو جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ يونيورسٽي جي استادن بيهي سندس شاندار آجيان ڪئي. صدر نمايان پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊل ۽ ڊگريون پڻ ورهايون.