اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا من??وب?? کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچڻ لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائ??ر ايفيشينٽ پارليامينٽ بابت صدارتي قدمن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پراجيڪٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي من??وب?? جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر من??وب?? کي عمل جامو پارائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، پراجيڪٽ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونسازي جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ سرڪاري ادارن جي جوابدهي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن.