اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ??ه اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي ??هيو آهي ??ه ان جي ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آهي. مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي ??هي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي ??دم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري بلاول ک??ن پڇي رهيا آهن ته ڪينال ک??ن سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪت?? وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪت?? وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.