پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن ??اء?? سالياني ترقياتي بجيٽ کي وڌائي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي وڌي، حڪومت عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ ??اء?? قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير، خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير، صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ضم ٿيل ضلعن جي سالياني ترقياتي بجيٽ کي 2018ع جي 24ا رب جي سطح کان وڌائي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. حڪومت مهانگائي جي اثرن کي ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ ??اء?? قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري چڪي، جلد سياحتي ماڳن جي ترقي ??اء?? منصوبا شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ، ضروري شين تي مستحق خاندانن کي رعايت، تعليمي سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي فلاحي رياست جي قيام جي واعدي جي تڪميل جو سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ حڪومت صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ??اء?? حڪومت تاريخي منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، 20 ارب جي لاڳت سان منصوبي بجلي جي پهچ واري نظام ۾ جدت ۽ بهتري آڻيندو، صوبائي سطح تي سستي بجلي جي منصوبن ۽ گهٽ اگهن تي آف گرڊ فراهمي ??اء?? حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته پاڪستانت حريڪ انصاف جي گذريل حڪومتي دور وانگر ڏورانهن عائقن ۾ پن ??جي جا ننڍا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، انهن منصوبن سان انهن ڏورانهن علائقن ۾ به سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جتي ٽرانسميشن لائن موجود نه آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته چشمه رائٽ بئنڪ ڪنال جو منصوبو به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، منصوبي جي تڪميل سان لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پوکي جي قابل بڻائي سگهجي ٿي، بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و آهي ته رشڪئي صنعتي زون مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، حڪومت 6 وڏن صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري يقيني بڻائڻ ??اء?? جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو و??و آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ ??اء?? خيبرپختونخوا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته خيبرپختونخوا ۾ مستحق خاندانن ۾ احساس راشن رعايت پروگرام جي ورهاست جو آغاز ٿي چڪو آهي، ڪارڊ تحت خيبرپختونخوا جا مسحتق خاندانن کي هر مهيني ضروري شين تي هڪ هزار روپين تائين جي رعايت ڏني ويندي، وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اجلاس کي خيبرپختونخوا ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري ??اء?? شروع ڪيل منصوبن ۽ اهم شاهراهن ۽ رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو و??و، وزيراعظم ترقياتي منصوبن جو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.